ڊيلز جارج فرينڪلن

ڊيلز جارج فرينڪلن

ڊيلز جارج فرينڪلن

ڊيلز، جارج فرينڪلن: قديم آثارن جي ماهر جي. ايف. ڊيلز جو پورو نالو جارج فرينڪلن ڊيلز جي. آر (George Franklin Dales Jr) هو. هن آمريڪي رياست اوهيو (Ohio) جي پنجين نمبر وڏي شهر اڪرون (Akron) ۾ 13 آگسٽ 1927ع ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1953ع ڌاري آڪرون يونيورسٽيءَ مان ’ڪلاسيڪل علمن‘ (Classic Studies) ۾ بي. اي ڪئي. هن 1960ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪئي، جتي هن وچ اوڀر جي قديم تاريخ، آرٽ ۽ آرڪيالاجيءَ سان گڏ سميري، اڪادي ۽ هورين (Hurrian) زبانن جي لپين جو اڀياس ڪيو. هن جي ڊاڪٽريٽ جي تحقيقي مقالي جو عنوان هو:
“Mesopotamian & Related Female Figurines: There Chronology, Diffusion & Cultural Function.”
ڊيلز 1945ع کان 1948ع تائين چين جي سامونڊي فوج (Marine Corps) ۾ ملازمت ڪئي. هن 1957ع کان عراق جي قديم سُميري شهر نيپور (Nippur) ۾ قديم آثارن جي کوٽائيءَ جي مهم ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ هن سنڌو ماٿر جي ڪيترن تهذيبي ماڳن جي کوٽائي ڪئي. 1959ع ۾ هن ڏکڻ ايران جي بندر عباس ريجن ۾ آرڪيالاجيڪل سروي ڪئي. 1960ع ۾ پنهنجي زال باربرا (Barabara) ۽ مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر رفيق مغل سان گڏجي مڪران جي ساحلي پٽيءَ جي تجارتي رستن جي سروي ڪئي. هن 65-1964ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ حصو ورتو. 1973ع ۽ 1979ع ڌاري ڊاڪٽر ڊيلس بالاڪوٽ ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيبي ماڳ جي کوٽائي ڪئي.
ڊاڪٽر ڊيلس 63-1961ع ڌاري ڪئناڊا جي ٽورنٽو يونيورسٽيءَ ۾ خاص ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ هو پينسلوانيا يونيورسٽيءَ ۾ اچي اسسٽنٽ پروفيسر (66-1963ع) ۽ پوءِ ائسوسيئيٽ پروفيسر (1972ع- 1966ع) ٿيو. 71- 1970ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ جي ميوزيم ڏکڻ ايشيا سيڪشن ۾ ڪيوريٽر انچارج ۽ گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ريجنل اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو چيئرمئن پڻ رهيو. 1972ع واري سال ۾ ڊيلس ڪيليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي جي فيڪلٽيءَ جي ٻن محڪمن: ڊپارٽمينٽ آف ’نيئر ايسٽرن اسٽڊيز‘ (Department of Near Eastern Studies) ۽ ڊپارٽمينٽ آف سائوٿ ۽ سائوٿ ايسٽ ايشين اسٽڊيز (Department of South & South East Asian Studies) ۾ اڌ، اڌ ٽرم (Half time appointment) لاءِ مقرر ٿيو. ساڳيءَ طرح اپريل 1979ع کان ڊسمبر 1980ع تائين هن کي ٻنهي ڊپارٽمينٽ ۾ نصاب متعارف ڪرائڻ لاءِ، ٻنهي ڊپارٽمينٽن جو چيئرمئن بنايو ويو. ان کان سواءِ برڪلي سينٽر فار سائوٿ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشين اسٽڊيز ۾ پڻ 1980ع کان 1982ع تائين چيئرمئن رهيو. 1986ع ڌاري ڊيلس کي ’هڙپن آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ‘ ۾، ڪيترين يونيورسٽين ۽ ادارن جي سهڪار سان شريڪ ڊائريڪٽرن ۾ شامل ڪيو ويو.
ڊاڪٽر ڊيلس جا ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مونوگراف (Monographs) ڇپيل آهن. ان کان سواءِ هن جو تحقيقي ڪم ڪتابي صورت ۾ پڻ موجود آهي، جن ۾ سندس هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا.
1. Excavations of Mohan jo Daro, Pakistan: The Pottery.
هي ڪتاب هن پنهنجي شاگرد جي. ايم. ڪناير (Jonathan Mark Kenoyer) سان گڏجي لکيو هو، جيڪو 1986ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
1. Exploration on the Makran Coast, Pakistan: A Search for Paradise.
هي ڪتاب ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر ڊيلس کي سنڌوماٿريءَ جي تهذيب ۽ ٻولين جي ماهر طور وڏي اهميت حاصل رهي آهي.
هن 25 اپريل 1992ع تي برڪلي (Berkeley) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.08.13  عيسوي

قديم آثارن جي ماهر جي. ايف. ڊيلز جو پورو نالو جارج فرينڪلن ڊيلز جي. آر (George Franklin Dales Jr) هو. هن آمريڪي رياست اوهيو (Ohio) جي پنجين نمبر وڏي شهر اڪرون (Akron) ۾ 13 آگسٽ 1927ع ۾ جنم ورتو.


1992.04.25  عيسوي

هن 25 اپريل 1992ع تي برڪلي (Berkeley) ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
صديق علي خان نواب
جلباڻي احمد علي خان
ڌياڻو مخدوم عربي
خاصخيلي غلام حسين ملهه
باتو خان
جتوئي اظهر
تاج العاشقين محمد سنڌي
رئيس امام بخش
علي احمد قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون